بکر فقير سومرو

بکر فقير سومرو: بکر فقير ولد صاحبڏنو (اول) سومرو 1787ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڌاران پور ۾ پيدا ٿيو. (اهو ڳوٺ 1837ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو). سندس والد بزرگ مياڻي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، کيس بلبل ۽ ڪامل نالي ٻه ٻيا پٽ به ٿيا، بکر سندس ننڍو پٽ هو. درياهه کي جيئن ته مناسب جوڳا بچاءَ بند نه هئا، ان ڪري ڪچي وارا ڳوٺ سدائين خطري ۾ رهندا هئا. ان ڪري هي ٽيئي ڀائر لڏي اچي وري مياڻي ۾ ويٺا، جتي سندن خاندان جا ٻيا ماڻهو به آباد هئا. 1937ع کانپوءِ هي ٽِئي ڀائر لڏي اچي ٽنڊي علي شير ۾ ويٺا. بکر فقير هڪ اهل الله ۽ سالڪ هو. هي ميرن جي دؤر جو شاعر هو، سندس ڪجهه بيت به مليا آهن. هن شادي نه ڪئي هئي ۽ سڄي ڄمار ائين گذاريائين. اٺونجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1845ع ۾ ٽنڊي علي شير ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار به اتي آهي. نموني طور سندس هڪ بيت پيش ڪجي ٿو:
ساجن تنهنجي ساهه جو سوهو ناهي سڀاءُ،
راڻا ايندين رات جو، اٿي ويهه الله
آهي منجهه الله، ڌيان ڌري پهه پچاءِ،
راڻا ’بکر‘ چوي سنجھاءِ، وينڌو ساءِ سپرين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو